لاهور – 26 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سمورين ڌرين تي زور ڏنو آهي ته اهي ٻارن جي ??سڪولن ۾ داخلا کي يقيني بڻائين ۽ سمورن ايف ايس سي جي ڪواليفائيڊ شاگردن کي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ موڪليو وڃي، ملڪ ۾ پرائمري جي ٻارن جي ??سڪولن ۾ داخلا جي ??رح رڳو 68 سيڪڙو آهي جڏهن ته پاڙيسري ملڪ ۾ اها شرح 98 سيڪڙو جڏهن ته هايئر ايجوڪيشن ۾ داخلائن جي ??رح رڳو 9 سيڪڙو آهي ۽ جيڪڏهن ان جي ڀيٽ ٻين علائقائي ملڪن سان ڪئي وڃي ته اتي ان جي ??رح 60 سيڪڙو آهي جيڪا ملڪ ۾ معاشي ۽ اقتصادي ترقي جي ??فتار حاصل ڪرڻ ۽ معياري انساني وسيلن جي ??رورتن جي لاءِ انتهائي ناڪافي آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ورچوئل يونيورسٽي آف پاڪستان جي ڪانووڪيشن جي ??قريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ يونيورسٽي جي فيڪلٽي، شاگردن ۽ انهن جي والدين شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي صدر چيو ته اسڪول ويندڙ عمر جي ??مورن ٻارن کي اسڪولن ۾ وڃڻ گهرجي ۽ ڪو ٻار به تعليم کان محروم نه رهڻ گهرجي ??يڪو ملڪ جي ??رقي لاءِ لازمي آهي. هن چيو ته ڏکڻ ايشيا خطي جي ملڪن سان جيڪڏهن ڀيٽ ڪئي وڃي ته پاڪستان ۾ پرائمري سطح تي اسڪولن ۾ ٻارن جي ??اخلا رڳو 68 سيڪڙو آهي جڏهن ته پاڙيسري ملڪ ۾ اها شرح 98 سيڪڙو آهي. هن چيو ته پرائمري سطح تي اسڪولن ۾ ٻارن جي ??اخلا جي ??يتري گهٽ شرح خطري جي ??لامت آهي ۽ پوري قوم جي لاءِ فڪر جو لمحو آهي. صدر چيو ته يونيورسٽيون شاگردن کي داخلا نه ڏئي عام طور تي فخر محسوس ڪن ٿيون جڏهن ته هزارين شاگردن جي ??ها خواهش هوندي اهي ته اهي اعليٰ تعليم حاص?? ڪن. هن چيو ته اهو عمل ٺيڪ نه آهي ۽ ان جي ??وصلا شڪني ڪرڻ جي ??خت ضرورت آهي. هن ملڪ جي ??رڪاري ۽ الحاق ٿيل اعليٰ تعليمي ادارن تي زور ڏنو ته اهي سمورن شاگردن جيڪي پنهنجي ??لاحيتن کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا انهن جي ڄاڻايل تعليمي ادارن ۾ 100 سيڪڙو داخلائن کي يقيني بڻائڻ گهرجي ??ه جيئن اعليٰ تعليم سان ليس گريجوئيٽس آن لائين اعليٰ تعليم حاصل ڪري ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگ??ن. ??در عارف علوي چيو ته هڪ تعليم يافته ۽ مهارت يافته نوجوان افرادي قوت ملڪ کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي پر بدقسمتي سان آءِ ٽي جي ??عليم ۾ ساليانو 27 هزار آءِ ٽي جا تعليم يافته نوجوان پيدا ٿي رهيا آهن جيڪي تمام گهٽ آهن جڏهن ته ان جي ڀيٽ جيڪڏهن پاڙيسري ملڪن سان ڪئي وڃي ته اتي هر سال 8 لک آءِ ٽي گريجوئيٽس پيدا ٿين ٿا. هن چيو ته گريجوئيٽس جو انگ وڌائڻ جي لاءِ اسان کي پنهنجي ??عليمي نظام کي انٽرنيٽ بيسڊ آن لائين ڪرڻو پوندو جيڪو مختلف ملڪن ۾ ڪاميابي سان هلي رهيو آهي. صدر چيو ته مسلمان معاشرا ماضي ۾ نئين علم کان ڊنل هئا ۽ جدت، ايجادن ۽ قرباني ڏئي سائنسي، سماجي ۽ انتظامي شعبن ۾ ترقي حاصل ڪرڻ ۾ هٻڪ محسوس ڪندا هئا ۽ انهي لاءِ اهي ماڻهو دنيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پٺتي رهجي ويا. هن چيو ته سر سيد احمد خان تعليم جي ??هميت کي صحيح محسوس ڪندا هئا ۽ 1857ع جي ??زادي جي ??نگ کانپوءِ هن مسلمانن کي جد??د علم حاصل ڪرڻ تي زور ڏنو ته جيئن مسلمان به دنيا سان گڏ پنهنجو وڃايل مقام واپس حاصل ڪري سگهن. هن چيو ته بدقسمتي سان هيستائين اسان رڳو 68 سيڪڙو پرائمري جي ٻارن کي ئي اسڪولن ۾ داخل ڪرائي سگهيا آهيون. هن چيو ته جيڪڏهن اڃا به اهو سلسلو باقاعده شروع ڪيو وڃي ته اسڪولن ۾ 100 سيڪڙو داخلائن جي ??رح حاصل ڪرڻ جي لاءِ 10 سالن جو عرصو گهربل آهي. صدر وڌيڪ چيو ته بطور قوم اسان کي پنهنجو ڌيان طاقت جي ??ياست تان هٽائڻ جي ??رورت آهي ۽ پنهنجو سمورو ڌيان پنهنجي نوجوان نسل ۽ ٻارن کي معياري تعليمي جي فراهمي تي ڌرڻو پوندو. هن چيو ته حڪومت، هايئر ايجوڪيشن ڪميشن ۽ سرڪاري ۽ نجي ??عليمي ادارن کي گڏجي ??هڙي حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي ??ه اعليٰ تعليم جي لاءِ ڪنهن شاگرد کي ڪنهن به سبب جي ڪري داخلا وٺڻ کان روڪڻ نه گهرجي. صدر چيو ته علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۽ ورچوئل يونيورسٽي نوجوانن کي معياري ۽ گهٽ خرچن تي بهترين تعليمي سهولتون فراهم ڪري رهيون آهن جڏهن ته ورچوئل يونيورسٽي جو افغانستان، مسلمان ۽ ٻين ملڪن جي ??اگردن کي گهٽ خرچ تي معياري تعليم جي فراهمي جو منصوبو انتهائي قابل تقليد آهي. ان کان اڳ ورچو يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر ارشد سليم ڀٽي خطاب ڪندي چيو ته ورچوئل يونيورسٽي 2002ع ۾ قائم ٿي جيڪا ملڪ جي نوجوانن کي آءِ ٽي جي ??عبي ۾ مهارت جي ??ربيت فراهم ڪري رهي آهي جيڪا داخلائن جي ??والي سان پاڪستان جي وڏي يونيورسٽين ۾ شمار ٿئي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته ورچوئل يونيورسٽي ۾ هن وقت 1 لک 60 هزار شاگرد اعليٰ تعليم مان فائدو کڻي رهيا آهن جڏهن ته يونيورسٽي جي مختلف تعليمي پروگرامن تحت 8 هزار پرڏيهي شاگرد پڻ تي هي تعليم جي ??يور سان آراسته ٿي رهيا آهن. هن چيو ته ورچوئل يونيورسٽي ملڪ ۾ معياري گهٽ لاڳت ۽ جديد تعليم فراهم ڪري رهي آهي ٻئي طرف مستحق شاگردن کي اسڪالرشپس پڻ ڏنيون پيون وڃن جنهن ۾ مختلف تعليمي ڪورسز ۾ مهارت حاصل ڪري رهيا آ??ن. ??خر ۾ صدر ورچوئل يونيورسٽي جي مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي رکندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ڊگريون، گولڊ ميڊلز ۽ ميرٽ سرٽيفڪيٽس پڻ ورهايا.