اسلام آباد – 26 جنوري (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس خان چيو آه?? ته ڀارت دنيا آڏو پاڻ کي جمهوري ۽ سيڪيولر ملڪ هجڻ جي دعويٰ ڪري ٿو پر اتي اقليتون محفوظ ناهن، ڀارت جو نام نهاد ي??م جمهوريه اسان لاءِ ڪارو ڏهاڙو آه??. سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري ۽ پاڪستاني اڄ جو ڏينهن ڪاري ڏهاڙي طور ملهائي رهيا آه??. ڀارت جو نام نهاد ي??م جمهوريه جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ڀارت جي غير قانو??ي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مسلمانن هر اها قرباني ڏني جنهن جو مثال نٿو ملي. ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ لاءِ ڪشميرين پنهنجي ٽئين نسل قربان ڪري ڇڏي آه??، ڀارت گڏيل قومن ۾ ڪشميرين کي خوداراديت وارو حق ڏيڻ جي پنهنجي ئي واعدي کان ڦري رهيو آه??. وزيراعظم آزاد ڪشمير چيو ته ڪشمير ڪنهن صورت ڀارت جو ??صو ناهي ۽ نه ڪڏهن بڻجي سگهي ٿو. ڪشميري پاڻ کي پاڪستاني سمجهن ٿا ۽ پاڪستان جي تڪميل جي جنگ وڙهي رهيا آه??. هندوستان جو مڪروه ۽ انسانيت جو قاتل چهرو دنيا آڏو بي نقاب ٿيو آه??. ڀارت ڪشمير تي قبضو ڪري رکيو آه??. وزيراعظم چيو ته جمهوري ۽ سيڪولر ملڪ جي دعويٰ ڪندڙ هندوستان دنيا کي دوکو ڏيندڙ سڀني کان وڏو فراڊ آه??. ڀارت ڪشميري ماءُ، ڀينرن، بزرگن ۽ ٻارن تي انسانيت سوز ظلم ڪيا. وزيراعظم چيو ته ڀارت پاڻ کي جمهوري ملڪ چورائڻ جي لائق ناهي، ست ڏهاڪن کان هندوستان پنهنجي غير قانو??ي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظلم جو ??ازار گرم ڪيو آه??. والاريل ڪشمير جي مسلمانن کان علاوه ڀارت جي ڪيترين ئي رياستن ۾ ماڻهو آزادي جي جنگ وڙهي رهيا آه??. هندوستان ۾ اقليتن لاءِ ڪا جاءِ ناهي.