اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ سندس انڊونيشين هم منصب رتنو مارسودي ٻطرفن لاڳاپن ۽ افغا??ست??ن سميت گڏيل دلچسپي جي عالمي معاملن تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي. پنهنجي ٽوئيٽرهينڊل تي ??لاول ڀٽو زرداري چيو ته انڊونيشيا جي پرڏيهي وزير سان ڳالهه ٻولهه ڪري خوشي ٿي. ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران پرڏيهي وزير انڊونيشيا جي پاڪستان سان يڪجهتي، ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ۽ موسمياتي ??بديلي جي اثرن جي شڪار پاڪستان جي مسلسل امداد کي ساراهيو. پرڏيهي وزير پنهنجي ٽوئ??ٽ ۾ وڌيڪ چيو ته هن پاڪستان انڊونيشيا لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ، عورتن جي حقن ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو.