اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن جي معاشري ۾ شموليت ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ جي ل??ءِ هڪ جامع منصوبو جوڙڻ، مددگار ٽيڪنالاجيز فراهم ڪرڻ ۽ ان جي معذوري جي لحاظ کان موزون مل??زم??ون ڏيڻ جي ضرورت آهي، سرڪاري ۽ نجي شعبي جي خصوصي ماڻهن جي لاڳاپيل ادارن جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي موجوده قانونن تي نظرثاني جي ل??ءِ گڏجي ڪم ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ خصوصي ماڻهن جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اسلام آباد جي چيف ڪمشنر، تعليم واري وزارت، صحت واري عالمي اداري ۽ ايوان صنعت ۽ واپار جي نمائندن شرڪت ??ئي. صدر چيو ته خصوصي ماڻهن جي معاشري ۾ شموليت ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ جي ل??ءِ هڪ جامع منصوبي جي ضرورت آهي، خصوصي ماڻهن جي چرپر ۽ عوامي سهولتن تائين پهچ بهتر بڻائي انهن کي معاشري جو فعال شهري بڻائي سگهجي ٿو. هن چيو ته معذور ماڻهن کي تعليم، هنر ۽ مل??زم??ون فراهم ڪري معاشري ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. خصوصي ماڻهن کي مددگار ٽيڪنالاجيز فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي معذوري جي لحاظ کان موزون مل??زم??ون ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان جي آبادي جو 10 کان 15 سيڪڙو يا اٽڪل 22 ملين ماڻهو خ??وصي ماڻهن تي ٻڌل آهن، خصوصي ماڻهن جي ايڏي وڏي آبادي کي قيمتي اثاثي ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو. ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو ته سرڪاري ۽ نجي شعبي ۽ خصوصي ماڻهن جي لاڳاپيل ادارن جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي موجوده قانونن تي نظرثاني جي ل??ءِ گڏجي ڪم ڪيو. لاڳاپيل ريگيوليٽري اٿارٽيز کي سڀني سرڪاري ۽ نجي عمارتن، انفراسٽرڪچر، اسڪولن ۽ صحت جي سهولتن جي هڪ جامع آڊٽ ڪرائڻ جي ل??ءِ تيار رهڻ گهرجي. صدر ملڪ ۾ سمورين تعليمي سهولتن کي خصوصي ماڻهن جي ضرورتن موجب بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته سڀني تعليمي ۽ تربيتي ادارن جي خصوصي ماڻهن کي داخلا ڏيڻ جي ل??ءِ حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي. ڊسمبر جو پورو مهينو خ??وصي ماڻهن جي مهيني طور ملهائڻ گهرجي. صدر چيو ته سرڪاري ۽ نجي شعبي جا ادارا خصوصي ماڻهن جي حقن بابت شعور پيدا ڪرڻ جي ل??ءِ آگاهي مهم هلائين.