اسلام آباد -27 آڪٽوبر (اي پي پي) گلگت بلتستان ۽ ??شم??ر بابت وزيراعظم جي صل??حڪ??ر قمر زمان ڪائره چيو آهي ته پاڪستان ??شم??رين جي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ تائين انهن جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو، موجوده حڪومت ??شم??ر مسئلي تي عالمي راءِ هموار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، 27 آڪٽوبر جو ڏينهن اسان ڪارو ڏينهن طور ملهائيندا آهيون، تاريخ ۾ اڄوڪي ڏينهن ڀارت پنهنجي قابض فوج ذريعي ??شم??ر تي حملو ڪيو. اهڙو اظهار هن والاريل ??شم??ر تي ڀارت جي غير قانوني والار خلاف ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ ڪيو، هن چيو ته 27 آڪٽوبر 1947ع تي ??شم??رين خلاف ظلم ۽ ڏاڍ جي اهڙي داستان شروع ٿي جيڪا اڃان تائين جاري آهي، ڀارت هر ايندڙ ڏينهن والاريل ??شم??ر ۾ ظلم ۽ ڏاڍ ۾ واڌ ڪئي آهي، قمر زمان ڪائره چيو ته ڏهاڪن جي هن سفر ۾ ??شم??رين جي عزم، همت ۽ آزادي جي تڙپ ۾ ڪا به گهٽتائي نه آئي، پاڪستان ??شم??رين جي خودمختياري واري حق جي حاصلات تائين انهن جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.??شم??ر جي آزادي مڪمل ڪرڻ جو ڪيس پاڪستان جي آزادي مڪمل ڪرڻ جو ڪيس آهي، هن چيو ته پاڪستان جو ٻچو ٻچو ۽ هر ماڻهو هن ڪيس کي پنهنجي دل جي ويجهو رکي ٿو، ??شم??رين پنهنجي حقن لاءِ رت کان وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، ڀارت ??شم??رين تي دنيا جي ڏاڍ جا سمورا هٿيار آزمائي چڪو آهي پر هو ??شم??رين جي جذبي کي دٻائڻ ۾ ناڪام ر??يو. قمر زمان ڪائره چيو ته انشاءُ الله اسان جا ??شم??ري ڀائر جلد پنهنجي خودمختياري وارو حق حاصل ڪندا ۽ پنهنجي منزل جو فيصلو پاڻ ڪندا، هن چيو ته موجوده حڪومت ??شم??ر مسئلي تي عالمي راءِ هموار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، وزيراعظم شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري هن مسئلي کي دنيا جي فورمز تي اڳيان اڳيان رکن ٿا،هن چيو ته اسان دنيا جي راءِ عامه کي هموار ڪرڻ ۽ انساني حقن جي ادارن کي جاڳائڻ جي ڪوشش جاري رکنداسين.