اسلام آباد – 21 آڪٽوبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ هاڻي ٻوڏ ۽ رسد جي رڪاوٽن جي روشني ۾ سماجي تحفظ، ??ذائي سلامتي کي هٿي ڏيڻ ۽ ماڻهن ل??ءِ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ جي مدد جي سلسلي ۾ پاڪستان ل??ءِ 1.5 ارب ڊالرن جي مالي مدد جي منظوري ڏني ??هي. اها ڳالهه ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چئي وئي آهي، ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي بلڊنگ ريزيلينس وڌ ايڪٽو ڪائونٽر سائڪليڪل ايڪسپينڊيچرز (بريس) پروگرام تحت فراهم ڪيل مدد پاڪستان حڪومت طرف??ن يوڪرين بحران سميت پرڏيهي شاڪس کي منهن ڏيڻ ل??ءِ 2.3 ارب ڊالرن جي پروگرام تي عملدرآمد ۾ مددگار ثابت ٿيندي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڊائريڪٽر جنرل ٻڌايو ته ڪووڊ 19 کان پاڪستان جي بحالي ۾ پرڏيهي جهٽڪن سبب رڪاوٽون پيدا ٿيون، وڌندڙ ڪاروباري ۽ ذاتي خرچ لکين پاڪستانين خاص طور غريب ۽ معاشي طور ڪمزور طبقن کي متاثر ڪيو، هن ٻڌايو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ جو پروگرام حڪومت کي بلند قيمتن جي اثرن ۽ غذئي عدم تحفظ ۾ واڌ، ڪاروباري سرگرمين ۾ سستي رويي ۽ اقتصادي طور ڪمزور گروهن جي آمدني کي گهٽ جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، پاڪستان ۾ هاڻوڪي ٻوڏ سان مسئلن ۾ واڌ پڻ ٿي آهي، هن ٻڌايو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي فنانسنگ سان حڪومت کي ترقياتي خرچن جي پڪيج کي لاڳو ڪرڻ ل??ءِ گهربل مالي ج??ءِ فراهم ٿيندي، جيڪا پاڪستان جي غريب خاندانن ل??ءِ ڊزائين ڪئي وئي ??هي.