اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ۽ مسلم ليگ (ق) جي سينيئر اڳواڻ چوڌري شجاعت حسين اتفاق ڪيو آهي ته ??ڪومت جون سموريون اتحادي پارٽيون عوام جي ڀلائي لاءِ هڪ ٿي ڪم ڪنديون ??هن??يون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان مسلم ليگ (ق) جي سينيئر اڳواڻ چوڌري شجاعت حسين ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي ۽ مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته ??ڪومت جون سموريون اتحادي پارٽيون عوام جي ڀلائي لاءِ هڪ ٿي ڪم ڪنديون ??هن??يون. ملاقات دوران مسلم ليگ (ق) جي اڳواڻن ان عزم جو اظهار ڪيو ته ??هي هر مشڪل حالتن ۾ حڪومت سان گڏ بي??ل آهن. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي وارو وفاقي وزير طارق بشير چيما، قانون وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، سيڙپڪاري بورڊ ??ارو وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين ۽ وزيراعظم جا خاص معاونين ملڪ احمد خان ۽ عطاءُ الله تارڙ پڻ موجود هئا.