لاهور -04 آڪٽوبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي، ته ملڪ ۾ هن س??ل پيل برساتن صديءَ جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو، ٻوڏ سبب ريلوي کي سوا پنج سئو ارب رپين جو نقصان پهتو آهي، ريل??ي جي سيڪريٽري کان وٺي پورهيت تائين ٻوڏ جي علائقن ۾ ڪم ڪيو، اسان پنهنجي ريلوي کي موجوده وسيلن کان ٻيهر هلايو آهي، ريلوي کاتو جڏهن واپس ورتو ته ان وقت خسارو ساڍا ستيتاليهه ارب رپيا هو، ڊيزل جو اگهه وڌڻ سبب 20 کان 36 ارب رپيا تيل جي مد ۾ ادا ڪرڻا پوندا، ريلوي تي تيل جي مد ۾ 16 ارب رپين جو اضافي بار پوندو، ڊالر جي وڌندڙ اگهه سبب ادائگين ۾ وڏو جهٽڪو لڳو آهي، ريل??ي جي نقصان جو مقابلو ڪنداسين، پنهنجي آمدني وڌائي ويندي، ريل??ي جي زمينن کي ڊجيٽلائيز ڪيو ويو آهي، سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت ريلوي لائين ڪور بزنس لاءِ مختص هوندي، ان س??ن اسان کي وڏو جهٽڪو لڳو آهي، ريلوي هيڊ ڪوارٽرز ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته هن س??ل ڊيزل جون قيمتون ناقابل يقين حد تائين مٿي ويون، پاڪستان ريل??ي جو تيل جيڪو مالي سال 22-21ع ۾ 20 ارب هو، هاڻي مالي سال 23-22ع ۾ 36 ارب ٿي ويو. برساتن س??ب لکين ماڻهو متاثر ٿيا ۽ ريل??ي جي نظام کي به نقصان پهتو، عملي جي محنتن عيوض اڄ ريل??ي جو نظام ٻيهر بحال ڪري ڇڏيو آهي. روزانو 23 ڪروڙ رپين جي آمدني جو نقصان پيو آهي. هن چيو ته اسان پنهنجي نقصان جي ازالي لاءِ آمدني وڌائينداسين. ريلوي واري وفاقي وزير چيو ته 2.7 ارب رپيا گذريل سال ڪمايا آهن جيڪڏهن سپريم ڪورٽ بزنس ڪرڻ جي اجازت ڏئي ته ان مان 16 يا 17 ارب رپين تائين ڪمائي سگهجن ٿا. چيف جسٽس کي درخواست ڪندس ته ريلوي ڪيس جلد ٻڌي، بزنس جي اجازت ڏني وڃي. هن چيو ته ريل??ي جي خالي زمينن کي مڊ ٽرم تي ڏيڻو پوندو ته جيئن منافعو کاتي کي اچي سگهي.هن چيو ته شارٽ يا مڊ ٽرم لاءِ ليز ڪرڻ سان ريلوي کي منافعو ٿيندو. خواجه سعد رفيق چيو ته چند ڏوڪڙن عيوض خانگي هائوسنگ سوسائٽيز کي پل ٺاهڻ جي اجازت ڏني وئي هئي هاڻي اهي 10 ڪروڙ رپيا جمع ڪرائيندا تڏهن کين اجازت ملندي. وفاقي وزير چيو ته مال بردار آپريشن ۾ ريل??ي جا ڀاڙا ٻي ٽرانسپورٽ کان گهٽ آهن، سوا لک پينشنر ۽ ريل??ي جا ملازم آهن، ڦيٿو هلندو ته انهن جا چلها به ٻرندا، ريل گاڏين جي ڀاڙن ۾ اضافو ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته ان کان بنا گذارو ناهي. ريلوي ڪمرشل تي ڌيان ڏئي ته 50 ڪروڙ رپيا ڪمائي سگهجن ٿا. تافتان کان ڪوئٽاتائين ريلوي آپريش??ل ٿي چڪو آهي. هن چيو ته ڪوئٽا ۾ سيڪيورٽي جا مسئلا آهن اتي فوج جي آفيسرن س??ن ڳالهيون ٿيون آهن ڪجهه مهينن ۾ ريلوي کي هلائينداسين. خواجه سعد رفيق جو چوڻ هو ته آپٽڪ فائيبر جون مختلف ڪمپنيون ريلوي سان رابطو ڪري رهيون آهن ته جيئن ڪرايو وٺي کين تارون وڇائڻ جي اجازت ڏني وڃي. آپٽڪ فائبر ڪمپنيون وڌيڪ پئسا ڏينديون ته کين ٺيڪو ڏنو ويندو، ايم آءِ ايس سسٽم پورو ڪرڻ جي پهرين به ڪوشش ڪئي. هن چيو ته 10 ڪروڙ واري پاليسي طاقتور ماڻهن کان گهري رهيا آهيون، جيڪڏهن ڪنهن هائوسنگ سوسائٽي کي پل تعمير ڪرڻي آهي ته پئسا ڏين. اڪنامي ڪلاس بجاءِ بزنس ڪلاس تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته ريلوي کي تقريبن 20 سال ٺيڪ ڪرڻ ۾ لڳندا. مون وٽ علادين وارو چراغ ناهي ته فوري طور ريلوي کي ٺيڪ ڪيان. خواجه سعد رفيق چيو ته ايم ايل ون جو منصوبو جڏهن ٺاهيو ته 6 سال ۾ مڪمل ٿيڻو هو، جنهن تي 6.2 بلين ڊالر خرچ اچڻو هو هاڻي هو 10 بلين ڊالر تائين پهچي ويو، ايم ايل ون جو دورانيو گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، هڪ رستو چين کي راضي ڪري شروع ڪرائينداسين. هن پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو ته وزيراعظم جو چين جو دورو ايم ايل ون لاءِ هوندو، تياري ڪري رهيا آهيون، ڪراچي سرڪلر ريلوي هلائڻ تمام وڏي غلطي هئي، ريلوي ڪٿي ميٽرو ٽرين هلائيندي آهي، سنڌ حڪومت سرڪلر ريل??ي جو بار کڻڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته عمران خان جي دور ۾ سرڪيولر ڊيڊ وڌي ويو، ٿرڪول تي ريلوي وفاق ۽ سنڌ حڪومت ڪلوز ٿي ويا آهن. هن چيو ته ڄامشورو پاور پلانٽ افغان ڪول جي ذميواري کڻندا، درخواست آهي ته پاڪستان جي ادارن کي تجربي گاهه نه بنايو وڃي، ملڪي پاليسين کي سنجيدگي سان ورتو وڃي ائين نه ٿئي ته پهرين حڪومت جي ماڻهن کي ٻيهر اڇلائي ڇڏيو.