اسلام آباد -03 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي صحت واري وزارت واري وفاقي وزير عبدالقادر ??ٽيل چيو آهي، ته صحت واري وزارت ٻوڏ متاثرن کي طبي سهولتن جي فراهمي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي. وزارت طرفان ??اري بيان ۾ هن چيو ته بارڊر هيلٿ سروسز آف پاڪستان ??ي ٽيم کي ٻوڏ متاثرن جي بهترين طبي سهولتن جي فراهمي لاءِ خراج تحس??ن پيش ڪيان ٿو. عبدالقادر ??ٽيل چيو ته صحت واري وزارت جي ما??حت ادارن ڊائريڪٽوريت آف هيلٿ اسٽيبلشمينٽ بارڊر هيلٿ سروسز آف پاڪستان ??يوهڻ جي بوڏ متاثر ڳوٺ ٽلٽي ۾ متاثرن جي لاءِ ميڊيڪل ڪيمپ قائم ڪئي. سيوهڻ جي سڄي ڳوٺ ۾ ڊينگي جي روڪٿام لاءِ اسپري پڻ ڪرايو ويو. هن چيو ته ميڊيڪل ڪيمپن ۾ ڊينگي ۽ مليريا جا تقريبن 1500 کان وڌيڪ مريضن جي اسڪريننگ ۽ مفت دوائون فراهم ڪيون ويون.