اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) نائب وز??را??ظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ زلزلي، نئين سر تعمير ۽ بحالي اٿارٽي (ايرا) جي 15هين ڪائوسنل جو اجلاس ٿيو. ايرا جي چيئرمين، ايرا ڪائونسل جي ميمبرن ۽ نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي نمائندن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب اجلاس ۾ ايرا ۽ اين ڊي ايم اي جي ا??ٽريٽجڪ انضمام جي عمل تي ڌيان ڏنو ويو. نائب وز??را??ظم چيو ته انضمام جو عمل آپريشنز کي هموار، وسيلن جي ورڇ کي بهتر ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ ج?? مجموعي فريم ورڪ کي مضبوط بڻائيندو. ڊيزاسٽر ريسپانس فريم ورڪ کي هم آهنگ ڪرڻ ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ خيبرپختونخوا??ه جي حڪومتن کي شامل ڪرڻ ج?? فيصلو ڪيو ويو.