اسلام آباد-16 نومبر(اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نيشنل عوامي پارٽي جي اڳ??اڻ ۽ اڳ??ڻي سينيٽر الياس احمد بلور جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي ڏکويل ڪٽنب سان تعزيت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته مرحوم الياس احمد بلور جي عوام جي ڀلائي لاءِ ڪيل خدمتن کي وساري نه ٿو س??هجي. الياس احمد بلور سينيٽر طور عوام جي بهترين نمائندگي ڪئي. سندس سياسي خدمتن کي پڻ هميشه ياد رکيو ويندو. الياس احمد بلور جي لاڏاڻي سان سياس?? منظر نامي ۾ پيدا ٿيل خال کي ڀري نه ٿو س??هجي.