اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گڏيل قومن جي 79هين سال??ره?? جو ڏينهن اسان کي گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن ۽ مقصدن کي حاصل ڪرڻ ج?? عزم جو ورجاءُ ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو، گڏيل قومن جي چارٽر جو منصفاڻي طريقي سان لاڳو به هڪ وڏ?? چئلينج آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ايڪس پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اڄ گڏيل قومن جي 79هين سال??ره?? جو ڏينهن اسان کي گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن ۽ مقصدن کي حاصل ڪرڻ ج?? عزم جو ورجاءُ ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته ماحولياتي تبديلين جي منفي اثرن، جاگرافيائي ۽ سياسي ڇڪتاڻ ۾ اضافو ۽ گلوبل سائوٿ جي گهري ٿيندڙ اقتصادي مشڪلاتون عالمي نظام جي وڏي چئلينجن جي نشاندهي ڪن ٿيون، گڏيل قومن جي چارٽر جو منصفاڻي طريقي سان لاڳو به هڪ وڏ?? چئلينج آهي. وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن جي خودمختياري جي حق جي قراردادن جي باوجود ڀارت جي غيرقانوني ??بض?? هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ فلسطين جهڙا تڪرار اڃا به حل طلب آهن. جيستائين گڏيل قومن جي بنيادي دستاويز جي شقن کي نظرانداز ڪيو ويندو، بحران وڌيڪ گهرا ٿيندا ويندا. هن چيو ته هو گڏيل قومن جي هن ڏينهن تي گهڻ رخي نظام جي لاءِ پاڪستان ج?? عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو، اسان هن دنيا کي سڀني جي لاءِ هڪ بهتر جڳهه بڻائڻ جي لاءِ گڏيل قومن سان گڏجي ڪم ڪندا رهنداسين جتي سمورن ماڻهن جي حقن خاص طور تي جائز ۽ فتح نه ٿيڻ جوڳي حقن جي لاءِ جدوجهد ڪندڙن کي انهن جا حق ڏياري سگهجن.