اسلام آباد -15 آڪٽوبر (اي پي پي) شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن واري اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ترڪمانستان جي ڪابينه جو نائب ??يئرمين راشد ميريدوف گذريل ڏينهن اسلام آباد پهچي ويو آهي. اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي تع??يم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي ۽ ٻين اعليٰ اختيارين سندس شاندار استقبال ڪيو. ان موقعي تي روايتي لباس پهريل ٻارڙن معزز مهمان کي گلدستا پيش ڪيا. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ خيرسگالي جون ڳالهيون ٿيون. ترڪمانستان جي ڪابينه جي نائب ??يئرمين راشد ميريدوف سان گڏ اعليٰ سطحي وفد به هو.