لاهور-25 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ۽ قو??صل جنرل لاهور مس ماڪرسٽين ?? وفد جي ٻين ميمبرن داتا درٻار تي حاضري ڏني. اوقاف ۽ مذهبي کاتي مطابق مذه??ي معاملن واري ڊائريڪٽر جنرل خالد محمود سنڌو سندن داتا درٻار پهچڻ تي استقبال ڪيو. ايڊمنسٽريٽر داتا درٻار ۽ عملو ان موقعي تي موجود هئا. آمريڪي سفير ۽ قو??صل جنرل طرفان درٻار شريف تي عقيدت جا گل نڇاور ڪيا ويا، آمريڪي سفير ۽ ان جي ٽيم درٻار شريف جي ترقياتي ڪمن بابت خصوصي دلچسپي ظاهر ڪئي. ڊائريڪٽر جنرل وفد کي درٻار شريف تي ٿيل ترقياتي ڪمن ۽ حضرت داتا گنج بخش ??ي زندگي بابت بريف ڪيو. آخر ۾ ڊائريڪٽر جنرل آمريڪي سفير کي يادگاري شيلڊ پيش ڪئي ۽ مهمانن کي ڪتابن جا تحفا ڏنا.