پشاور -11سيپٽمبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي، ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي قيادت ۽ سندس ڏاهپ اس??ن جي قومي تاريخ جو روشن باب آهي?? اسان کي سندس فرمانن جي روشني ۾ پاڪستان کي مضبوط ۽ خوشحال بڻائڻ جو عهد ڪرڻ گهرجي. باباءِ قوم جي ورسي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح جي اصولي سياست، بي لوث قيادت ۽ مسلمانن لاءِ هڪ ڌار وطن جي جدوجهد اس??ن جي لاءِ مشعل راهه آهي، اڄ اس??ن کي سندن فرمان جي روشني ۾ پاڪستان کي مضبوط ۽ خوشحال بڻائڻ جو عهد ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته قائداعظم اس??ن کي اتحاد، تنظيم ۽ يقين محڪم جو درس ڏنو هو، اڄ ضر??رت ان ڳالهه ج?? آهي ته اس??ن انهن اصولن تي هلندي وطن عزيز جي درپيش چئلينجز جو مقابلو ڪيون ۽ ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪيون. گورنر چيو ته قائداعظم جو مشن پاڪستان کي هڪ ترقي يافته، امن پسند ۽ خوشحال ملڪ بڻائڻ هو جنهن کي تڪميل تائين پهچائڻ اس??ن سڀني جي ذميواري آهي.