اسلام آباد -07 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري ??يڪيورٽي فورسز کي مهمند ۾ ايف سي هيڊ ڪوارٽر تي خارجي دهشتگردن جو حملو نا??ام بڻائڻ تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي، ته اسان جي سيڪيورٽي فورسز بهادري ??و مظاهرو ڪندي 4 خارجي دهشتگردن جو خاتمو ڪيو. ايوان صدر پريس ونگ طرفان جاي بيان ۾ صدر مملڪت خارجي دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جي اثرائتي ۽ جرئتمنداڻي ڪارروائي کي سار??هي??دي چيو ته سموري قوم کي پنهنجي جوانن تي فخر آهي جيڪي هر وقت وطن جي حفاظت لاءِ تيار آهن، دهشتگردن کي انهن جي ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.