اسلام آباد -02 سيپٽمبر (اي پي پي ) ربيع الاول 1446هه جو چنڊ ڏسڻ ل??ءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس (اربع ) ڏينهن 4 سيپٽمبر اسلام آباد ۾ طلب ڪيو ويو آهي. اجل??س ??ي صدارت ڪميٽي جو چيئر مين مولانا عبدالخبير آزاد ڪندو. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب زونل ۽ ضلعي چنڊ ڏسڻي ڪمي??ين جا اجلاس پن??نجن پن??نجن هنڌن تي ٿيندا. چنڊ نظر اچڻ يا نظر نه اچڻ جي حوالي سان اعلان مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو چيئر مين مولانا عبدالخبير آزاد سڄي ملڪ مان مليل شاهدين کي نظر ۾ رکي ڪندو. اجلاس مذهبي معاملن واري وزارت ڪوهسار ڪامپليڪس ۾ شام جو 5 وڳي منعقد ٿيندو. موسميات کاتي مان چيف ميٽرو لاجسٽ ڊاڪٽر سرفراز، اسپارڪو مان غلام مرتضيٰ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي فني مدد ڪندا.