??سل??م آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ امام حسين عه جو چاليهو عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، مختلف شهرن ۾ جلوس برآمد ڪي?? ويا، سڄي ملڪ ۾ چاليهي جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيل ??ئا. ڪربلا جي شهيدن جو چاليهو ڪالهه سومر ڏينهن 26 آگسٽ 2024ع تي سڄي ملڪ ۾ وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو. ڪراچي، حيدرآباد، ??سل??م آباد، لاهور، پشاور، ڪوئيٽا، گلگت بلتستان سميت ملڪ جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ ماتمي جلوس برآمد ڪي?? ويا.
ڪراچي ۾ مرڪزي جلوس خارادار مان نڪتو جڏهن ته حيدرآباد ۾ مرڪزي جلوس قدم گاهه مولا علي رضه تان انجمن اماميه سنڌ جي انتظام هي?? نڪتو جيڪو روايتي ر??تن تان ٿيندو واپس امام بارگاهه دادن شاهه پهچي اختتام پذير ٿيو. جلوس ۾ شريڪ عزادارن ماتم ۽ زنجير زاني ڪئي، جڏهن ته نوحن وسيلي ڪربلا جي شهيدن کي پرسو ڏنو ويو. جڏهن ته ان کانسواءِ بدين، تلهار، ٽنڊو ڄام، ميرپورخاص، سکر، خيرپور، شڪارپور، لاڙڪاڻو، دادو، ڄامشورو، مٺي، عمرڪوٽ سميت سنڌ جي سمورن شهرن ۾ پڻ ذوالجناح ۽ علم پاڪ سان جلوس برآمد ڪي?? ويا. ان موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪي?? ويا هئا. ڪراچي ۾ مانيٽرنگ سيل ??ائم ڪيو ويو هو جڏهن ته فورسز جا ڪي??رائي جوان جلوسن تي ر??تن تي مقرر هئا.