اسلام آباد – 19 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري باجوڙ ۾ دهشتگردن جو مقابلو ڪندي پاڪ فوج جي ٽن جوانن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر پنهنجي بيان ۾ ملڪ جي دفاع لاءِ جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته شهيد قوم جوادر/121648.html"> فخ?? آهن، پوري قوم احسان مند رهندي، سيڪيورٽي فورسز بهادري سان دهشتگردن جي دراندازي ڪوششن کي ناڪام بڻايو، دهشتگردن کي ختم ڪيو. صدر چيو ته پاڪ فوج جي حب الوطني ۽ ايثار جي جذبي ??ي پوري قوم سلام پيش ڪري ٿي، پوري قوم پنهنجي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي، قربانيون نه وساريندي. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دع?? ڪئي.