جده – 07 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر سينيٽر محمد اسحاق ڊار جده ۾ او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي پڄاڻي واري ??ير??عمولي اجلاس جي موقعي تي او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين براهيم طحيٰ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب هن غزه ۽ ڀ??رت جي ??ير??انوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وز??راعظم سيڪريٽري جنرل سان فلسطينين جي جاري نسل ڪشيءَ ۽ غزه ۽ اولهندي ڪناري ۾ سنگين انساني صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن جنگبندي جي فوري ضرورت ۽ فلسطيني عوام جي لاءِ انساني امداد جي بنا رڪاوٽ ??راهمي تي زور ڏنو. نائب وز??راعظم وچ اوڀر ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ او آءِ سي جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ان جي قدمن جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو. بيان موجب نائب وز??راعظم ڄمون ۽ ڪشمير تي او آءِ سي رابطا گروپ ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي لاءِ خصوصي ايلچي جي ڪشميرين جي جائز خودمختياري جي حق جي حمايت ڪرڻ جي لاءِ تاريخي ڪردار کي ساراهيو. ملاقات ۾ اسلامو فوبيا، امتيازي سلوڪ ۽ مسلمانن جي خلاف تشدد تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وز??راعظم اسلامو فوبيا تي او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جي خصوصي ايلچي جي مقرري کي پڻ ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته خصوصي ايلچي ان اهم مسئلي کي حل ڪرڻ جي مهم کي اڳتي وڌائيندو.