اسلام آباد -04 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي، ته خطي ۾ پائيدار امن حاصل ڪرڻ لاءِ ڪشمير تڪرار جو حل ضروري آهي، انهي پراڻي تڪرار کي گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن مطابق حل ڪرڻ جي ضرورت آه??. ڪ??ميرين جي خوداراديت واري حق جي جدوجهد ۾ ان جي حمايت لاءِ پاڪستان جي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪيون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي پن??نجي پيغام ۾ ڪيو. هن ڀا??ت جي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي غيرقانوني الحاق جي شديد مذمت ڪندي چيو ته ڀا??تي حڪومت پن??نجي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 (اي) کي رد ڪري ڇڏيو ۽ ڪشمير جي خاص حيثيت کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ علائقي جو فوجي گهيراءُ ڪيو. هن عوام جي عزم کي ساراهيندي چيو ته انهن جي آزادي ۽ خوداراديت واري حق جي جدوجهد سڄي خطي لاءِ هڪ روشن اميد آهي.