اس??ام آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جو پاڪستان جي دوري جي موقع?? تي اس??ام آباد اچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو. وزيراعظم آف??س جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪستان جي فضائي حدن ۾ داخل ٿيندي ئي آذربائيجان جي صدر جي جهاز کي پاڪ فضائيه جي ويڙهاڪ جهازن حفاظتي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو. آذربائيجان جي صدر جي جهاز کي پاڪ فضائيه جا ويڙهاڪ جهاز اس??ام آباد تائين حفاظتي گهيري ۾ وٺي آيا. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي آذربائيجان جو صدر پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي دور?? تي آهي.