اسلام آباد – 01 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??يبر ضلعي ۾ تخته بيگ ۾ دهشتگردي جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ تي پوليس ۽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جي اهلڪارن جي جرئت ۽ بهادري کي ساراهيندي شهادت ماڻيندڙ اهلڪارن کي خراج عقيدت پي?? ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??ار?? بيان موجب وزيراعظم دهشتگردن سان وڙهندي ملڪ جي خاطر شهات ماڻيندڙ پوليس اهلڪار اعجاز ۽ ايف ??ي جي اهلڪار شهزاد کي خراج عقيدت پي?? ڪيو ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ انهن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني فوج، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون پاڪستان ۾ امن جي لاءِ لازوال قربانيون آهن. پاڪستاني قوم کي پنهنجي شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين تي فخر آهي. هن چيو ته سڄي قوم دهشتگردي جي ناسور جي ملڪ مان خاتمي جي لاءِ متحد آهي.