سکر – 24 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ??ومر ??ينهن سکر جو دورو ڪندو. صدر دوري ??وران سنڌ ۾ سيڪيورٽي ۽ امن امان جي صورتحال تي اجلاس جي صدارت ڪندو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اجلاس ۾ امن امان جي صورتحال تي گذريل مهيني ٿيندڙ ا??لاس جي فيصلن تي ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويندو. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير محسن رضا نقوي ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سميت سينيئر وفاقي ۽ صوبائي عملدار ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ا??ارن جا اعليٰ عملدار پڻ شرڪت ڪندا.