بنجول – 06 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته آزاد ڪشمير بابت ڀارتي اڳواڻن جا اشتعال انگيز بيان ۽ بنا جواز دعويٰ علائقائي امن جي لاءِ سنگين خطرو آهن، ڀارت ڪشميرين کي پنهنجي سرزمين ۾ هڪ بي اختيار ڪميونٽي ۾ تبديل ??رڻ جي لاءِ ڪوششون ۽ ڪشميري ??وام کي منظم طريقي سان انهن جي بنيادي حقن ۽ آزادي کان محروم ڪري ??هيو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري ??يان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن گيمبيا جي شهر بنجول ۾ 15 هين اسلامي سربراهي اجلاس جي موقعي تي ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سياسي ۽ سيڪيورٽي ماحول ۽ علائقي ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال جو پڻ جائزو ورتو ويو. او آءِ سي جي اسسٽنٽ سيڪريٽري ??نرل سياسي معاملن ۽ سيڪريٽري ??نرل جي ڄمون ۽ ڪشمير بابت خصوصي ايلچي يوسف الدوبي جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ رابطا گروپ جي ميمبر ملڪن پاڪستان، سعودي عرب، ترڪيه، نائجير ۽ آذربائيجان جا نمائندا شريڪ ٿيا. ڪشميري ??وام جي حقيقي نمائندن جو وفد ۽ او آءِ سي جي آزاد مستقل انساني حقن واري ڪميشن جا اعليٰ عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. ان موقعي تي هن رابطا گروپ کي ڪشميرين کي پنهنجي سرزمين ۾ هڪ بي اختيار ڪميونٽي ۾ تبديل ??رڻ جي لاءِ ڀارت جي جاري ڪوششن کان آگاهه ڪيو. هن اجلاس کي ٻڌايو ته ڀارت منظم طريقي سان ??شميري ??وام کي انهن جي بنيادي حقن ۽ آزادي کان محروم ڪري ??هيو آهي. هن چيو ته ڀارتي عملدار اختلاف راءِ کي ڪچلڻ جي لاءِ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ خوف هراس جو ماحول پيدا ڪري ??هيا آهن. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار عالمي برادري ??ي زور ڏنو ته اها آزاد ڪشمير بابت ڀارتي اڳواڻن جي اشتعال انگيز بيانن ۽ بنا جواز دعوائن جو نوٽيس وٺي جيڪي علائقائي امن جي لاءِ سنگين خطرو آهن. هن ان ??الهه تي پڻ زور ڏنو ته ڀارت سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪري، ڪالعدم سياسي پارٽين تان پابنديون هٽائي، 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪ طرقي قدمن ۽ ان ??انپوءِ جي قدمن جن جو مقصد آبادياتي ت??ديلي ۽ سياسي انجنيئرنگ آهي، کي رد ڪري ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد ڪري. بيان موجب مختلف ميمبر ملڪن جي وفدن او آءِ سي جي ايجنڊا ۾ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي اهميت جو ذڪر ڪندي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل موجب ڪشميرين جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري ??ي حق کي حاصل ??رڻ جي لاءِ جائز جدوجهد جي حمايت جو اظهار ڪيو. هن ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي جلد ۽ پرامن حل تي زور ڏنو.