اسلام آباد – 19 – اپريل (اي ??ي پي) صد?? آصف علي زرداري ترڪي?? جي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل متين گورڪ کي بهترين انتظامي ڪارڪردگي تي نشان امتياز (ملٽري) سان نوازيو. ايوان صدر ۾ پروقار تقريب ٿي جنهن ۾ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد، ٽنهي هٿياربند فوج جا سينيئر عملدار، غيرملڪي سفارتڪارن جو وڏو انگ موجود هو. صد?? آصف علي زرداري بهترين انتظامي ڪارڪردگي، ترڪيه ۾ امن ۽ استحڪام ۽ پاڪستان سان ويجهي لا??اپن ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي ترڪي?? جي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل متين گورڪ کي نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪيو.