اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميرين جي ??يا??ي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان سرينگر جي جامع مسجد ۾ جمعته الوداع، شب قدر ۽ عيدالفطر جي ??ما?? سميت اهم مذهبي تقريبن جي انعقاد تي پابندي جي ڀارتي عملدارن جي فيصلي تي پنهنجي گهري ??ايوسي جو اظهار ڪريون ٿا. هن چيو ته هي مسلسل پنجون سال آهي جڏهن ان تاريخي مسجد ۾ عيد الفطر جي ??ما?? ادا ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وئ??۔ ترجمان چيو ته مذهبي اڳواڻن تي پابنديون هڻڻ ۽ ڪشميرين جي خصوصي مذهبي موقعن تي گڏ ٿيڻ کان روڪڻ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلمانن جي مذهبي آزادي جي لاءِ هڪ سنگين چئلينج آهي. هن چيو ته ڪشميري عوام کي آزادي سان پنهنجي مذهب تي عمل ڪرڻ ۽ پرامن ميڙ جي حق جو احترام ڪرڻ گهرجي.