اسلام آباد– 28 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??متاز زهره بلوچ چيو آهي ته فلسطين ۾ فوري جنگبندي جو مطالبو ڪندڙ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد جي منظوري کي ٽي ڏينهن ٿي ويا آهن، جڏهن ته ان جي باوجود غزه جي عوام تي اسرائيل جي مڙهيل جنگ بنا روڪ ٽوڪ جاري آهي، فلسط??ني عوام کي بک ۽ نسل ڪشيءَ درپيش آهي. ترجمان ??ريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان اسرائيل جي حامين کان ??طالبو ڪريون ٿا ته اهي اسرائيل تي زور ڀرين ته هو فلسط??ني عوام جو قتل عام بند، غيرانساني گهيراءُ ختم ۽ غزه جي سم??رن حصن ۾ انسان?? امداد جي اجازت ڏي. هن چيو ته عالمي برادري کي فلسطين مسئلي جي منصفاڻي ۽ پائيدار حل ۽ جون 1967ع کان اڳ جي سرحدن موجب القدس الشريف جي گادي واري شهر سان گڏ هڪ آزاد، قابل عمل، خودمختيار ۽ لڳولڳ فلسط??ني رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ڪوششن ۾ وڌيڪ اضافو ڪرڻ گهرجي.