اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ت??جم??ن ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪس??ان افغانس??ان کي ڪيترائي ڀيرا ٺوس ثبوت ڏنا ۽ اهو مطالبو ڪيو ته پاڪس??ان ۾ دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ ملوث دهشتگرد تنظيمن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، پاڪس??ان 18 مارچ تي افغانس??ان ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته افغانس??ان جي خودمختياري جو احترام ڪريون ٿا، افغانس??ان ڳالهين جي ذريعي مسئلن جو حل چاهيون ٿا. ت??جم??ن چيو ته افغانس??ان ۾ دهشتگردن جي خلاف ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪيو ويو. ت??جم??ن فلسطين ۾ اسرائي??ي فوج جي جارحاڻي ڪاررواين خاص طور تي غزه جي شفاءَ اسپتال تي تازي حملي جي شديد مذمت ڪئي جنهن ۾ رپورٽس موجب وڏي انگ ۾ معصوم ٻار ۽ عورتن سميت عام شهري مارجي ويا آهن. هن چيو ته بيگناهه ماڻهن ۽ شهري آبادي کي نشانو بڻائڻ جنگي ڏوهن جي زمري ۾ اچي ٿو. پرڏيهي آفيس جي ت??جم??ن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي جاري پائمالين جي پڻ شديد مذمت ڪئي. هن چيو ته گذريل ٽن ??هي??ن دوران ڀارت والاريل ڪشمير جي 14 سياسي پارٽين تي پابندي هڻي ڇڏي آهي. ت??جم??ن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ اظهار راءِ جي آزادي تي پابندي جي مذمت ڪريون ٿا، ڪشميري سياسي پارٽين تي پابندي مذمت جوڳي آهي. ڪشمير بابت ڀارتي ليڊرن ??ي تازن بيانن کي رد ڪندي هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير هڪ تڪراري علائقو آهي جنهن جو حل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي ذريعي ممڪن آهي.