اسلام آباد-12 مارچ (اي پي پي)توانائي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ عهدي جو چارج سنڀالي ورتو. وزارت آمد تي سيڪريٽري پيٽروليم مؤمن آغا ۽ ٻين ??فيسرن وفاقي وزير جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته عوام جي سهولت موجوده ??ڪو??ت جي اولين ??رجيح آهي. سحري ۽ افطار جي وقتن ۾ بجلي ۽ گيس جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. هن چيو ته گردشي قرضن جي پائيدار حل لاءِ تجويزن تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. گيس ۽ معدنيات جي شعبن ۾ مقامي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري جي سهولت ڪئي ويندي. مشڪل حالتن باوجود ??ڪو??ت جي پاليسين ??و محور عوام آهي. آفيسرن طرفان وفاقي وزير کي ??ريفنگ ڏني وئي.