اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) ??طل??عات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته الحمدالله! اڄ ملڪ ۾ جمهوري عمل جاري آهي، پهرين ڏينهن کان چئي رهيا هئاسين ته چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ٿينديون، نگران حڪومت وقت سر چونڊون ڪرايون ۽ اڄ ملڪ ۾ نيون اسيمبليون وجود ۾ اچي چڪيون آهن، اميد آهي ن??ين حڪومت عوام جي اميدن تي پورو لهندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارلياماني معاملن واري وزارت ۾ پنهنجي اعزاز ۾ منعقد الوداعي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ??طل??عات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي نگران حڪومت جي دور ۾ پارلياماني معاملن واري وزارت جي ڪارڪردگي ۽ تع??ون کي ساراهيو. تقريب کي خطاب ڪندي نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته عوام جي شرڪت کانسواءِ جمهوريت ڪامياب نٿي ٿي سگهي. هن چيو ته اميد آهي ن??ين حڪومت عوام جي اميدن تي پورو لهندي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير جي حيثيت سان پارليامينٽ جي اجلاسن ۾ شرڪت منهنجي لاءِ اعزاز جو سبب آهي، آئون پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ سمورين سياسي پارٽين جا به ٿورا مڃان ٿو جن نگران حڪومت جي دور ۾ مون سان تع??ون ڪيو. ان موقعي تي پارلياماني معاملن واري وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ سينيئر جوائنٽ سيڪريٽري نگران دور ۾ پارلياماني معاملن واري وزارت جي ڪارڪردگي ۽ قدمن کان آگاهه ڪيو. تقريب جي آخر ۾ نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سڀني سان ملاقات ڪئي.