اسلام آباد- 14 فيبروري (اي پي پي) حڪومت سازيءَ ل??ءِ (ن) ليگ ۽ پ پ جي اڳواڻن تي ٻَڌل ڪميٽيءَ جو پهريون اجلاس اربع ڏينهن منعقد ٿيو. (ن) ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب مطابق پاڪستان مسلم ليگ (ن) طر??ان سينيٽر اسحاق ڊار، سرد??ر اياز صادق، سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ ملڪ محمد احمد خان اجلاس ۾ شريڪ ٿيا جڏهن ته پ پ جي نمائندگي سيد مراد علي شاهه، قمر الزمان ڪائره، سعيد غني ۽ ٻين ڪئي. ڪميٽي اتفاق ڪيو ته جلد کان جلد حڪومت سازي جي عمل کي مڪمل ڪيو وڃي. ڪميٽي جون مشاورت سان جوڙيل تجويزون اڳواڻن کي پيش ڪيون وينديون. ڪميٽيءَ جي سف??رشن جي روشني ۾ قيادت حتمي فيصلو ڪندي.