اسلام آباد – 18 – جنوري (اي پي پي) پرنسپل انفارميشن آفيسر (پي آءِ او) ڊاڪٽر طارق محمود خان چيو آهي ته انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا جي انقلاب دنيا کي مڪمل طور تي تبديل ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ گلوبلائيزيشن کان ڊيجيٽلائيزيشن طرف منتقلي ٿي آهي، ان ڏس ۾ سياسي پ??رٽ??ن کي به معاشري جي بهتري ۽ عوام جي ڀلائي ??اء?? نئين دور جي گهر??ن سان هم آهنگ ٿي جديد ذريعن کي مثبت انداز ۾ استعمال ۾ آڻڻ گهرجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس انفارميشن ڊپ??رٽ??ينٽ جي اهتمام هيٺ ”راءِ ڏيندڙ پاڪستانين جو بدلجندڙ منظرنامو ۽ منصفاڻي نمائندگي کي يقيني بڻائڻ ۾ سياسي پ??رٽ??ن جو ڪردار“ جي عنوان سان منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. هن سيمينار جي شرڪت ڪندڙن پاران چونڊ عمل کي بهتر بڻائڻ ۽ منصفاڻي نمائندگي جي حوالي سان پيش ڪيل مختلف تجويزن کي سارا??يو. هن چيو ته هن وقت آءِ ٽي تي ٻڌل وڏين ڪمپنين جي دنيا تي حڪمراني آهي. هن چيو ته جيتوڻيڪ سياسي پ??رٽ??ون بدلجندڙ عالمي منظرنامي جي ڄاڻ رکن ٿيون تنهن هوندي به بدلجندڙ گهر??ن سان هم آهنگي ضروري آهي. هن مشورو ڏنو ته عوام جي بهتر نمائندگي ۽ خدمت جي ??اء?? سياسي پ??رٽ??ن کي بدلجندڙ دنيا موجب پاڻ کي تبديل ڪرڻ گهرجي. هن سيمينار ۽ مباحثي جي ڪامياب انعقاد تي پي آءِ ڊي جي منتظمين کي پڻ سارا??يو. حارث خليق ?? طيبه نثار مباحثي جي اسٽيج سيڪريٽري جا فرض سرانجام ڏنا. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پريس انفارميشن ڊپ??رٽ??ينٽ (پي آءِ ڊي) 2024ع جي عام چونڊن کان اڳ عوام ۾ ووٽ جي اهميت، چونڊ نظام ۽ چونڊيل نمائندن جي ڪردار سميت چونڊ عمل جي حوالي سان آگاهي مهم جي ذريعي وسيع تر عوامي سمجهه بوجهه کي فروغ ڏيڻ جي ??اء?? پرعزم آهي ته جيئن عوام پنهنجي قومي ذميواري خوش اسلوبي سان سرانجام ڏيڻ جي ذريعي هڪ مستحڪم جمهوري نظام جي فروغ ۾ پنهنجي فعال شرڪت کي يقيني بڻائي سگهي. ان سلسلي ۾ سيمينارز جو هڪ سلسلو شروع ڪيو ويو آهي ته جيئن 8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن ۾ ووٽرن جي فعال شرڪت کي يقيني بڻائي سگهجي. انهن سيمينارز ۾ مرڪزي ڌارا جي سياسي پ??رٽ??ن، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان، ميڊيا، دانشورن، سول سوسائٽي ۽ عوامي نمائندن کي گهرايو پيو وڃي. اهي سيمينارز شهرين کي ووٽ وجهڻ جي اهميت، چونڊ نظام ۽ چونڊيل نمائندن جي ڪردار کان آگاهه ڪرڻ جي ??اء?? هڪ پليٽ فارم مهيا ڪندا. پي آءِ ڊي پاران منعقد ٿيندڙ سيمينارز عوامي آگاهي کي فروغ ڏئي عوام کي فيصلاسازي جي ??اء?? بااختيار بڻائڻ جي ڪوشش ڪندا جيڪي آخرڪار وڌيڪ مضبوط ۽ جوابده جمهوري نظام ۾ حصو وٺندا. ان حوالي سان 11 جنوري تي پريس انفارميشن ڊپ??رٽ??ينٽ مقامي هوٽل ۾ پاڪستان جي 2024ع جون عام چونڊون: سياسي پ??رٽ??ن جي اقتصادي ايجنڊا جي موضوع تي پهرين سيمينار جو اهتمام ڪيو ويو هو.