اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته آئي?? جي آرٽيڪل 218 (3) تحت اليڪش?? جي تاريخ ڏيڻ يا تبديل ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي، اسان ڪنهن آئيني اداري جي معاملن ۾ مداخلت نه ٿا ڪري سگهون. پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وفاقي وزير چيو ته سينيٽ ۾ اليڪش?? جي التوا جي قرارداد ۾ دليل ڏيڻ جو موقعو نه مليو. هن چيو ته نگران وزيراعظم يا ڪابينا پاران اليڪش?? جي دير جي حوالي سان ڪو حڪم موجود نه هو، ان لاءِ اهڙي قسم جي قرارداد جي حمايت ڪرڻ اسا?? جي لاءِ ممڪن نه هو. هن چيو ته آئي?? جي آرٽيڪل 218 (3) تحت اليڪشن ڪرائڻ، اليڪش?? جي تاريخ ڏيڻ يا تبديل ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي، اسان ڪنهن آئيني اداري جي معاملن ۾ مداخلت نه ٿا ڪري سگهون. هن چيو ته قرارداد جي اندر جيڪي مسئلا ٻڌايا و??ا اهي حقيقي مسئلا آهن پر پاڪستا?? جي پارلياماني سياست ۽ چونڊ?? جي تاريخ ۾ اهي مسئلا اڳ ۾ به رهيا ??هن?? سيڪيورٽي جي فراهمي سميت موسم ۽ ٻين مسئلن جو خيال رکڻ حڪومت جي ذميواري آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اڃا تائين ڪنهن تڪ پاران اهڙو ڪو اشارو ناهي مليو جنهن ۾ واضح پيغام هجي ته چونڊون نه ٿيڻ گهرجي، اليڪش?? جي التوا يا انعقاد جو آئيني اختيار رڳو اليڪشن ڪميشن وٽ آهي.