اسلام ??با?? -29 ڊسمبر (اي پي پي) خوراڪ جي تحفظ واري نگران وفاقي وزير ڪوثر عبدالله ملڪ چيو آهي ته ??با??گارن جو ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي، ??با??گارن جي درپيش مسئلن جو مڪمل حل آهي، حڪومت ??با??گارن جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ ٺوس قدم کڻي رهي آهي، ذخيره اندوزي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ۾ پاڪ فوج جي مدد حاصل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي ڪسان ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪوثر عبدالله ملڪ چيو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڀاڻ جا مسئلا حل ٿي ويندا، لائيو اسٽا?? جو ڪاروبار ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، آمدني واپار ۽ روانگي واپار لاءِ ??با??گار ڪردار ادا ڪن. ان موقعي تي قومي ڪسان ڪنوينشن ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان وڏي انگ ۾ ??با??گارن شرڪت ڪئي. قومي ڪسان ڪنوينشن ۾ ??با??گارن کي زراعت جي حوالي سا?? خصوصي دستاويزي فلم ڏيکاري وئي جنهن ۾ خوراڪ جي تحفظ جي حوالي سا?? حڪومت ۽ پاڪ فوج جي ڪردار کي اجاگر ڪيو ويو. قومي ڪسان ڪنوينشن کي ??با??گارن جي چيف ڪوآرڊينيٽر ڪرنل (ر) هاشم ڊوگر به خطاب ڪيو ۽ چيو ته قومي ڪسان ڪنوينشن ڪوٺائڻ خوش آئنده آهي ان سا?? ملڪي زراعت جي ترقي جي حوالي سا?? حڪوم?? جو عزم ظاهر ٿئي ٿو. هن چيو ته ??با??گارن کي ڀاڻ جي فراهمي جي حوالي سا?? مسئلا درپيش آهن تنهن هوندي به حڪومت طرفان مسئلن جي حل جي خاطري تي ??با??گار اطمينان جو اظهار ڪري رهيا آهن.