نانجنگ – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وف??قي وزير مرتضيٰ سولنگي سان روس جي اطلاعات واري نائب وزير بيلا چريڪسووا ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ روس جي ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. اطلاعات واري نگران وف??قي وزير مرتضيٰ سولنگ?? روس سان ??ڏي?? پروڊڪشن ۽ تربيتي پروگرامز شروع ڪرڻ تي زور ڏنو. مرتضيٰ سولنگ?? روس جي اطلاعات واري نائب وزير کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني جيڪا هن قبول ڪري ورتي. ان موقعي ت?? روس جي اطلاعات واري نائب وزير چيو ته روس پاڪستان سان ميڊيا کانسواءِ به زندگي جي ٻين شعبن ۾ تعاون جو خواهشمند آهي. هن چيو ته روس ۾ پاڪستاني ڊرامن کي خاص مقبوليت حاصل آهي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڊرامن ۽ ٻي پروڊڪشن جي مٽاسٽا تي پڻ غور ڪيو ويو. نگران وف??قي وزير مرتضيٰ سولنگي خطي جي امن جي لاءِ روس جي خدمتن کي ساراهيو.