اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??گران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ناليواري ??اعر، اديب ۽ دانشور افتخار عارف جي علمي ۽ ادبي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي ??يو آهي ته افتخار عارف هڪ اهڙو روشن ستارو آهي جيڪو ملڪ ۾ علم ۽ ادب جي حوالي سان پنهنجو مقام رکي ٿو، افتخار عارف ادب ۾ ڇانوَ واري ??ڻ وانگر آهي، پي ٽي وي جي شهره آفاق پروگرامن ۾ هن اهم ڪردار ادا ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ نامياري ??اعر افتخار عارف جي زندگي تي ٺهندڙ دستاويزي فلم ”ٻارهُون رانديگر“ جي جاري ڪرڻ واري ??قريب کي خطاب ڪندي ڪيو. مرتضيٰ سولنگي ??يو ته پاڪستان جي ميڊيا ۽ علم ۽ ادب جي رکوالن جو نالو ورتو وڃي ته افتخار عارف جو نالو سڀ کان مٿاهُون هوندو. افتخار عارف ريڊيو پاڪستان تان پنهنجي ڪم جي شروعات ڪئي، پي ٽي وي جي شهره آفاق پروگرامن ۾ به هن اهم ڪردار ادا ڪيو. هن ??يو ته افتخار عارف ادب ۾ ڇانوَ واري ??ڻ وانگر آهي. تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري ??يڪريٽري ??هور احمد ??يو ته افتخار عارف جون ادب جي شعبي ۾ تمام گهڻيون خدمتون آهن. اڄ جي تقريب پاڪستان جي ادب ۽ شاعري ??ي لاءِ حوصلا افزا آهي. هن ??يو ته پاڪستان ٽيلي ويزن جي شروعات کان وٺي هيستائين مختلف پروگرامن ۾ شاعرن ۽ اديبن جو ڪردار وسارڻ جوڳو نه آهي. اطلاعات واري ??فاقي سيڪريٽري ??يو ته افتخار عارف جو ادب جي شعبي ۾ تمام وڏو مقام آهي، هو پنهنجي شعبي جو اڳواڻ آهي. افتخار عارف شاعري کانسواءِ به ادبي خدمتون سرانجام ڏنيون، سندس علمي ۽ ادبي خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. تقريب جي شرڪت ڪندڙن کي افتخار عارف جي زندگي تي ٺهندڙ دستاويزي فلم ”ٻارهُون رانديگر“ پڻ ڏيکاري ??ئي. بعد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ناليواري ??اعر افتخار عارف ??يو ته دستاويزي فلم ۾ پنهنجي دوستن جي ڳالهه ٻولهه ٻڌي تمام گهڻي خوشي ٿي. عائشه اڪرم ان فلم جي تياري ۾ بهترين ڪوشش سرانجام ڏني جنهن تي عائشه اڪرم سميت پوري ??يم جو ٿورائتو آهيان. واضح رهي ته ”ٻارهون رانديگر“ دستاويزي فلم ناليواري ??ارٽ فلم ميڪر عائشه اڪرم تيار ڪئي جنهن ۾ افتخار عارف جي زندگي جي مختلف رخن کي اجاگر ڪيو ويو جڏهن ته ملڪ جي ناليواري ??لمي ۽ ادبي شخصيتن جا تاثر پڻ ان فلم ۾ شامل آهن. اها فلم اطلاعات ۽ نشريات واري ??زارت، انفارميشن سروس اڪيڊمي ۽ پي ٽي وي فلمز جي سهڪار سان جاري ڪئي وئي.