اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ چين جي نئين سفير جيانگ زيدونگ ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ سدابهار دوستي کي وڌائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪرڻ لاءِ پنهنجي پختي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته چين مسلسل 8 سالن کان پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار آهي، چين جي ??رقي بنا شڪ جي ??هڪار جا نوان موقعا پيدا ڪندي. بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو ۽ چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جي 10 هين سالگرهه جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته چين ۽ پاڪستان جبلن ۽ دريائن سان جڙيل آهن ۽ سفارتي لاڳاپن جي قيام کانپوءِ گذريل 72 سالن دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ پائيدار دوستي قائم رهي آهي، چيني سفير چيو ته ان سان ڪو به فرق نٿو پوي ته عالمي حالتون ڪهڙيون به هجن چين ۽ پاڪستان سدائين ڏک ۽ تڪليف ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل رهيا آهن، ٻنهي ملڪن هڪ??ئي کي تعاون فراهم ڪيو ۽ لوهي دوستي قائم ??ئي آهي، چيني سفير ياد ڏياريو ته اپريل 2015ع ۾ چين جي ??در شي جن پنگ پاڪستان جو تاريخي دورو ڪيو جنهن ۾ ڌرين پاڪ چين ٻطرفي لاڳاپن کي اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري تائين وڌايو ۽ ٻطرفن لاڳاپن جي ??رقي ۾ هڪ نئين باب جو آغ??ز ڪيو، هن چيو ته ان کانپوءِ صدر شي جن پنگ ڪيترائي ڀيرا پاڪستاني اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون ۽ ڌريون اهم اتفاق راءِ تي پهتيون آهن جيڪي ٻطرفن لاڳاپن جي ??رقي لاءِ بينادي اصول ۽ ايڪشن گائيڊ لائنز فراهم ڪري ٿو، جيانگ زيدونگ چيو ته چين ۽ پاڪستان جا لاڳاپا اعليٰ سطح جي ??پريشنز کي برقرار رکيو آهي ۽ جي ??وش ۽ جذبي سان ڀرپور آهن، هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ويجهي اعليٰ سطح تي خيالن جي ڏي وٺ جاري آهي. صدر شي جن پنگ سي پيڪ جي 10 هين سالگرهه تي مبارڪن وارو پيغام موڪليو ۽ پنهنجي ??صوصي نمائندو چين جي ??سٽيٽ ڪائونسل جي نائب وزيراعظم هي ليفنگ کي جشن جي ??قريبن ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان جو دورو ڪرڻ لاءِ موڪليو جيڪو اسان جي ??ڳواڻن طرفان پاڪ چين لاڳاپن کي ڏنل اهميت کي پوري طرح ظاهر ڪري ٿو. چين جي ??فير چيو ته چيني صدر شي جن پنگ طرفان تجويز ڪيل گلوبل ڊولپمينٽ انيشيٽو، گلوبل سيڪيورٽي انيشيٽو ۽ گلوبل سولائيزيشن انيشيٽو کي پاڪستان ۾ مثبت رد عمل مليو آهي، هن چيو ته اڳواڻن جي مضبوط رهنمائي پاڪ چين لاڳاپن جي ??رقي جو رخ طئي ڪرڻ ۽ اڳتي وڌڻ جي ??اهه هموار ڪئي آهي. هن چيو ته ??ئي ملڪ گڏيل طور تي سي پيڪ کي ترقي جي ??اهداري، روزگار وڌائڻ واري همدردي، جدت جي ??اهداري، گرين ڪوريڊور ۽ کلي راهداري بڻائڻ ۽ سي پيڪ کي اعليٰ معيار جي ??رقي سان اڳتي وڌائڻ لاءِ پرعزم آهن. چين ۽ پاڪستان وچ ۾ فوجي مٽاسٽا ۽ تعاون جو ذڪر ڪندي هن چيو ته هي سلسلو گهرو ٿي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته ٻنهي فوجن جي ??ڳواڻن باقاعدگي سان مٽاسٽا ۽ دورن جي ??هترين رفتار برقرار رکي آهي.هن چيو ته هن سال چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ چيف آف آرمي اسٽاف سميت پاڪستاني فوج جي ??ينئر اڳواڻن چين جو مسلسل دورو ڪيو، سفير چيو ته هي سال چين ۽ پاڪستان وچ ۾ سياحت جي مٽاسٽا جو سال آهي، سفير چيو ته گنڌارا آرٽ نمائش بيجنگ جي پيلس ميوزم ۾ ڪاميابي سان منعقد ٿي جنهن سان ٻنهي ملڪن جي ??وام وچ ۾ رابطا، سياحتي تعاون ۽ ثقافت مٽاسٽا کي نئين تحريڪ ملي آهي. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته چين ترقي جي نئين نموني کي هٿي ڏيڻ جي ڪوششن کي تيز ڪندو، جامع انداز ۾ اعليٰ معيار جي ??رقي کي اڳتي وڌائيندو ۽ عالمي معيشت جي ??حالي ۾ وڌيڪ مثبت توانائي جو ڪردار ادا ڪندو.