گلگت – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گلگت بلتستان جي معاشي بحالي جي لا??ِ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ ۽ حڪومتي سبسڊ?? تي ڀاڙڻ بدران مقام?? پوکيءَ جوڳي زمين کي استعمال ۾ آڻي ڀاڻڀرائپ تي زور ڏيندي چيو آهي ته گلگت بلتستان جي گهڻن مسئلن جو حل علائقي ۾ سيڙپڪاري سان واڳيل آهي، شهرين جي حفاظت رياست جي ذميواري آهي، مذهب جي نال?? تي انتشار پکيڙڻ ناقابل برداشت آهي ۽ اهڙن عنصرن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گلگت بلتستان ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ لاڳپايل نگران وفاقي وزير، گلگت بلتستان ڪابينا جا ميمبر، چيف سيڪريٽري گلگت بلتستان ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسر موجود هئا. اجلاس ۾ گلگت بلتستان جي قيادت نگران وزيراعظم کي مختلف مسئلن کان آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ گلگت بلتستان ۾ ڪڻڪ جي پيداوار تي سبسڊي جي فراهمي جو معاملو ب??ث هيٺ آيو. نگران وزيراعظم گلگت بلتستان کي وفاق پاران مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. نگران وزيراعظم گلگت بلتستان جي قيادت کي حڪومتي سبسڊ?? تي ڀاڙڻ بدران پوکيءَ جوڳي زمين جي زرعي صلاحيت کي مڪمل طور تي استعمال ۾ آڻي پاڻڀرائپ آڻڻ جي تلقين ڪئي. نگران وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جي سمورن شعبن کي پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ پاڻڀرائپ پيدا ڪرڻ طرف پنهنجو ڌيان ۽ توانائي ڏيڻ?? پوندي تڏهن ئي ملڪي معيشت بحالي جي رست?? تي گامزن ٿيندي. گلگت بلتستان ڪابينا جي وزيرن نگران وزيراعظم کي گلگت ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار جي فروغ لا??ِ تجو??زو?? ڏنيون. نگران وزيراعظم عملدارن کي گلگت بلتستان جي معاشي بحالي جي لا??ِ حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته گلگت بلتستان جي گهڻن مسئلن جو حل علائقي ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري سان واڳيل آهي. اجلاس ۾ گلگت بلتستان ۾ فرقيواراڻي انتشار جي بنياد تي امن امان جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي شهرين جي حفاظت رياست جي ذميواري آهي ۽ مذهب جي نال?? تي انتشار پکيڙيندڙ عنصرن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو.