ڪراچي – 28 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ٻارن کي تعليم ۽ هنر فراهم ڪرڻ جي لاءِ خصوصي قدمن جي ضرورت ??ي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي صلاحيتون رکندڙ ران??يگ?? راند جي ميدان وانگر زندگي جي ٻين شعبن ۾ به جذبي ۽ لگن سان ڪم ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار اسپيشل اولمپڪس ??اڪ??تان جي وفد سان ڳالهائيند?? ڪيو جنهن صدر ۽ خاتون اول سان ملاقات ڪئي. صدر ۽ خاتون اول خصوصي صلاحيتون رکندڙ ايٿليٽس کي برلن ۾ اسپيشل اولمپڪس ۾ حصو وٺڻ تي مبارڪباد ڏني. صدر چيو ته خصوصي صلاحيتون رکندڙ ران??يگ??ن اسپيشل گيمز ۾ 80 کان تمغا کٽي ڳاٽ فخر سان بلند ڪيو. هن چيو ته خصوصي ٻار معاشري جا اهم ميمبر آهن، انهن کي ضروري هنر ۽ خصوصي تعليم ڏني وڃي. صدر چيو ته خصوصي ٻارن کي ٻين ٻارن سان گڏ اسڪولن ۾ تعليم ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو، ٺوس تعليم سان معاشري ۾ خصوصي ماڻهن جي ضرورتن ??ابت آگاهي وڌندي. هن وڌيڪ چيو ته ٻارن کي خصوصي ضرورتون رکندڙ ٻارن جي حقن بابت تعليم ڏيڻ جي ضرورت آهي، مصنوعي ذهانت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي سان خصوصي ماڻهو مدد حاصل ڪري سگهن ٿا.