اسلام آباد -01 جولاءِ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف ايران ۽ آذربائيجان جي صدرن کي ٽيليفون ڪيو ۽ عيدالاضحيٰ جون مبار??ون ڏنيون. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان مطابق وز??راعظم شهباز شريف ايران جي صدر سيد ابراهيم رئيسي کي عيدالاضحيٰ جون مبار??ون ڏنيون. وز??راعظم ايران جي قيادت ۽ عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ايران جي صدر ابراهيم رئيسي پاڪستان جي قيادت ۽ عوام کي عيد جي جوابي مبارڪ ڏني ۽ خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ڀائر پاڙيسري ملڪن وچ ۾ به طرفي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن سرحد تي مارڪيٽون قائم ڪرڻ تي ٻه طرفي معاشي ۽ واپاري سهڪار کي هٿي ڏيڻ ڏانهن هڪ قدم قرار ڏنو. ايران جي صدر ٽيليفون ڪرڻ ۽ عيد جون مبار??ون ڏيڻ تي وز??راعظم شهباز شريف جو ٿورو مڃيو. وز??راعظم شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف کي پڻ ٽيليفون ڪيو ۽ عيد جون مبار??ون ڏنيون. وز??راعظم آذربائيجان جي عوام ۽ حڪومت لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. صدر الهام عليوف پڻ خيرسگالي جي جوابي جذبن جو اظهار ڪيو. وز??راعظم پنهنجي آذربائيجان جي دوري جو حوالو ڏيندي ٻه طرفي سهڪار جي عمل کي تيز بڻائڻ جو عزم ظاهر ڪيو. وز??راعظم آّذربائيجان سان ايل اين جي فراهمي جو عمل تيز ڪرڻ جي اميد جو پڻ اظهار ڪيو. صدر الهام عليوف ٽيليفون ڪرڻ ۽ عيد جون مبار??ون ڏيڻ تي وز??راعظم شهبازشريف جو ٿورو مڃيو.