اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ?? سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت دفاعي پيداوار ڊويزن جي ٻن جاري منصوبن جي لاءِ 2000 ملين رپيا رکيا وي?? آهن. جاري پي ايس ڊي پي موجب دفاعي پيداوار ڊويزن جي گوادر ۾ شپ يارڊ جي جوڙجڪ جي لاءِ پراجيڪٽ مئنيجمينٽ سيل قائم ڪرڻ جي جاري اسڪيم لاءِ 100 ملين رپيا رکيا وي?? آهن. اهڙي طرح ڪراچي شپ يارڊ ۽ انجنيئرنگ ورڪس جي انفراسٽرڪچر جي اپ گريڊيشن جي اسڪيم لاءِ 1900 ملين رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. انهن ٻنهي اسڪيمن جي مجموعي لاڳت ج?? ڪاٿو 8471.443 ملين رپيا لڳايو ويو آهي ج?? مان 30 جون 2023ع تائين ٿيندڙ خرچن ج?? ڪاٿو 5809.86 ملين رپيا آهي.