اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان نواز شريف جي ترقياتي منصوبن جون تصويرون ۽ 9 مئي تي پي ٽي آءِ پاران ڪيل تباهي جون تصويرون شيئر ڪ??دي چيو آهي ته سا??ن جي ترقي جو سفر 9 مئي تي تباهي جو منظر پيش ڪري رهيو هو، عمران نيازي هيڏانهن هوڏانهن ??ون هٿ ٺوڪيون ڳالهيون ڇڏيو ۽ پ??هنجي ڪرپشن جو حساب ڏيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم راولپندي سڪسٿ روڊ ميٽرو بس اسٽيشن جي پراڻي ۽ نئين تصوير شيئر ڪ??ي، هڪ تصوير ۾ مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان نواز شريف کي ان منصوبي جي حوالي سا?? بريفنگ ڏني پئي وئي جڏهن ??ه ٻي تصوير ۾ انهي منصوبي کي پي ٽي آءِ پاران باهه لڳائڻ کانپوءِ تباهي جو منظر ڏيکاريو ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته سا??ن جي ترقي جو سفر 9 مئي تي تباهي جو منظر پيش ڪري رهيو آهي ۽ ان ميٽرو بس اسٽيشن کي پي ٽي آءِ تباهه ڪري ڇڏيو. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران نيازي جو هڪ ٽوئيٽ پڻ شيئر ڪ??و ۽ ان ٽوئيٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته عمران نيازي هيڏانهن هوڏانهن ??ون هٿ ٺوڪيون ڳالهيون ڇڏيو، جاچ ۾ شامل ٿيو ۽ پ??هنجي ڪرپشن جو حساب ڏيو.