اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ??ان متاثر ڪيترائي علائقا اڃان به پاڻي هيٺ آهن، نئين سر تعمير جي پنهنجي حڪمت عملي دنيا آڏو ??کنداسين. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ پرڏيهي وزير چيو ته هن دادو جو دورو ڪيو، تباهي آڻيندڙ چوماسي جي برسا??ن جي 5 مهينن کانپوءِ به ڪيترائي علائقا اڃان به پاڻي هيٺ آهن. هن چيو ته ??اڪ??تان عالمي ڪاربن جي اخراج ۾ رڳو 0.8 سيڪڙو حصو وجهي ٿو جڏهن ته اسان موسمياتي تبديلي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ 8 هين نمبر تي آهيون. پرڏيهي وزير چيو ته 9 جنوري تي ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ اسان دنيا آڏو نئين سر تعمير جي حڪمت عملي رکنداسين.