اسلام آباد– 26 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سمنڊن تائين پهچ کان محروم وچ ايشيا جي رياستن تائين اقتصادي تعاون تنظيم جي پهچ جي امڪانن جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ان سان خطي جا وسيع تر اقتصادي ۽ واپاري فائدا حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن اها ڳالهه اي سي او ٽريڊ اينڊ ڊيولپمينٽ بئنڪ جي صدر سان ڳالهائيندي چئي، پاڪستان کي مالياتي معاونت تي صحيحن واري تقريب جي موقعي تي وزيراعظم سان اي سي او ٽريڊ اينڊ ڊيولپمينٽ بئنڪ جي صدر ملاقات ڪئ??. وزيراعظم اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) ۾ وچ ايشيائي رياستن جي شموليت جي امڪانن جي آجيان ڪئ??. وزيراعظم باضابطا ايجنڊا ۽ اتفاق ر??ءِ کانپوءِ اي سي او جي ميمبر ملڪن جي سربراهي اجلاس جي ميزباني ۽ ان ۾ وچ ايشيا جي رياستن کي شامل ڪرڻ جي تجويز پڻ پيش ڪئ?? ۽ چيو ته ان سان اقتصادي سرگرمين ۽ علائقائي تعاون کي فروغ ملندو. وزيراعظم اقتصادي تعاون تنظيم تي وچ ايشيائي رياستن جي صلاحيت مان فائدو کڻڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته اهي هڪ وڏي آبادي تي ٻڌل رياستون آهن جيڪي ريلويز ۽ زميني رابطن جي وسيع تر صلاحيت رکن ٿيون. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن کي غيرملڪي سيڙپڪاري جي ضرورت آهي، افغانستان جي رستي وچ ايشيائي رياستن تائين پهچ ممڪن آهي ۽ انهن رابطن سان سمورن علائقا??ي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي وسعت ڏيڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم چيو ته اقتصادي ترجيحون اي سي او جي ايجنڊا آهي ۽ اقتصادي امڪانن ۾ اضافي سان پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن جي لاءِ موقعن ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم اي سي او جي وچ ايشيا تائين پهچ جي خيال کي ”گيم چينجر“ قرار ڏنو ۽ چيو ته گوادر جي بندرگاهه دنيا کي گئس جي فراهمي جو مرڪز بڻجڻ جي صلاحيت رکي ٿي. وزيراعظم چيو ته ٽه رخي اقتصادي تعاون جي ويزن جي ذر??عي ريلوي ٽريڪس ۽ رستن جي ذر??عي رابطاڪاري سان علائقا??ي منظرنامو تبديل ٿيندو ۽ انهن رابطن جي انهن ذريعن سان قدرتي وسيلن کان مالامال ملڪ پنهنجون شيون برآمد ڪري سگهندا. هن اي سي او بئنڪ جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. اي سي او ٽريڊ اينڊ ڊولپمينٽ بئنڪ پاران 150 ملين يورو جي مالي معاونت ٻوڏ متاثرين جي بحالي تي خرچ ٿيندي.